جده – 08 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سعود?? عرب جي پرڏيهي وزير ش??زا??ه فيصل بن فرحان آل سعود سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم عمران خان جي سعود?? عرب جي دوري جي موقعي تي ٿيندڙ ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ سميت گڏيل دلچسپي جي اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي هن وقت سعودي ولي عهد ش??زا??ه محمد بن سلمان جي دعوت تي وزيراعظم عمران خان جي سعود?? عرب جي ٽن ڏينهن جي دوري دوران وزيراعظم سان گڏ آهي. پرڏيهي وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي پنهنجي گڏيل خواهش کي ورجايو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي گڏيل لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو.