ڪو??يٽ?? – 28 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بلوچستان جي سامونڊي علائقن ۾ ماهيگيري جي شعبي ۾ تمام گهڻا موقعا آهن، ??قامي نوجوان جديد مهارت حاصل ڪري ان شعبي مان روينيو حاصل ڪ??ڻ جي وسيع موقعن مان ڀرپور فائدو کڻن. ڪامياب جوان پروگرام تحت بلوچستان ??ي نوجوانن ۾ آسان شرطن تي قرض ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته حڪومت ماهيگيرن جي مناسب تربيت ذريعي نوجوانن جي مدد ڪندي ۽ انهن کي پنهنجو ڪاروبار هلائڻ ۾ مدد فراهم ڪندي.