ڪراچي -13 مارچ (اي پي پي) صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ ۾ سائنسي تعليم جي اشد ضرورت آهي. اسان جي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي نوجوانن سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو. صدر مملڪت اهڙو اظهار يونيورسٽ?? جو نئون نالو رکڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. بينٽ هوڊسن يونيورسٽي کي سليم حبيب يونيورسٽ?? جو نالو ڏنو ويو آهي. صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ ۾ آن لائين تعليم کي وڌ??ڪ مربوط بنائڻ گهرجي، انفارميشن ٽيڪنالاجي کي هٿي ڏيڻ سان مل?? ترقي جي راهه تي هلندو. هن چيو ته اسان افرادي قوت ٺاهي ورتي ته قومن جي بر??در?? ۾ پاڪستان ٽاپ تي هوندو. هن چيو ته پاڙيسري ملڪ ۾ اقليتن کي ڌار ڪيو پيو وڃي، اسان جي نبي حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم معاشري جي تقسيم کي ختم ڪيو. هن چيو ته سليم حبيب يونيورسٽي ۾ ميرٽ کي خاص اهميت حاصل آهي.