اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) آءِ جي سنڌ ۽ آءِ جي گلگت بلتستان پنهنجي ماتحت آفيسرن جي ڊيش بورڊ جي جاچ پڙتال مڪمل ڪري ورتي آهي جنهن کي وزيراعظم پرفارمنس ڊليوري يونٽ پاران وزيراعظم عمران خان کي پيش ڪئي وئي آهي. وزيراعظم پرفارمنس ڊليوري يونٽ مان جاري بيان موجب سنڌ پوليس جي 78 جڏهن ته گلگت بلتستان پوليس جي 20 ڊيش بورڊ جي جاچ پڙتا?? ڪئي وئي آهي. پاڪستان سٽيزن پورٽل تي عوامي شڪايتن جو مناسب ازالو نه ڪرڻ تي آءِ جي سنڌ پاران 25 پوليس آفيسرن کي وارننگ ليٽر جاري ڪيا ويا آهن. آءِ جي گلگت بلتستان پاران هڪ ڊي آءِ جي ۽ ٻن ايس پيز کا?? وضاحت طلب ڪئي وئي آهي. ايس ايس پي ڊ??ٽرڪٽ ايسٽ ڪراچي، ايس ايس پي ملير، ايس ايس پي ڪورنگي، ايس ايس پي شهيد بينظير آباد، ايس ايس پي سکر، ايس ايس پي گهوٽڪي، ايس ايس پي خيرپور، ايس ايس پي نوشهروفيروز، ايس ايس پي سانگهڙ، ايس ايس پي لاڙڪاڻو، ڪشمور ۽ جيڪب آباد کي وارننگ ليٽر جاري ڪيا ويا. ايس پي شڪارپور، قمبر، انويسٽيگيشن ايسٽ ون ۽ ايس پي صدر کي آءِ جي سنڌ پاران شاباش ڏني وئي ۽ آءِ جي بلتستان پاران ڊي آءِ جي پوليس بلتستان رينج، ايس پي هنزه، ايس پي اسڪردو کا?? وضاحب طلب ڪئي وئي آهي. ان کا??سواءِ ڊي آءِ جي گلگت رينج، ايس ايس پي گلگت، ايس ايس پي استور کي ڪارڪردگي جي بنياد تي شاباش ڏني وئي آهي.