اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته خانداني منصوبابندي ۽ ماءُ جي صحت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ صحت کاتي ۽ آبادي ??ي ڀلائي واري کاتي جو تعاون لازمي آهي، آبادي ??ي ڀلائي ۽ ص??تمند خاندان جي فروغ لاءِ عالم سڳور?? کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس پشاور ۾ اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان، صوبائي وزير شوڪت يوسفزئي ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. صدر کي صوبي ۾ آبادي ??ي ڀلائي ۽ مائرن جي صحت جي لاءِ کن??ل قدمن تي ب??يفنگ ڏني وئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته خانداني منصوبابندي ۽ ماءُ جي صحت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ صحت کاتي ۽ آبادي ??ي ڀلائي واري کاتي جو تعاون لازمي آهي، وڌندڙ آبادي معيشت، ماحوليات، صحت، تعليم ۽ سمورن شهرين جي زندگي جي معيار کي ب??ي طرح متاثر ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته آبادي ??ي ڀلائي ۽ ص??تمند خاندان جي فروغ لاءِ عالم سڳور?? کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، آبادي ??ي ڀلائي جي فروغ لاءِ وقت سر قانونسازي لازمي آهي.