اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي وبا جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڀ کان وڌيڪ پنجاب ۾ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون ان کانپوءِ وڌيڪ فوتگيون سنڌ ۾ ٿيون. س??ي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 48 فوتگيون ٿيون جنهن مان 26 وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون، س??ي ملڪ ۾ ڪورونا جي 2 هزار 435 ماڻهن جا ٽيسٽ پازيٽو آيا ۽ 48 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جن مان 44 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 1 مريض گهر ۾ قرنطينه ??وران فوت ٿيو. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تن??سب جي لحاظ کان ملتان ۾ 42 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 39 سيڪڙو، لاهور ۾ 35 سيڪڙو ۽ بهاولپور ۾ 41 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪ??وي?? – 19 جا 38 هزار 369 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 12 هزار 461، پنجاب ۾ 14 هزار 804، خيبرپختونخواهه ۾ 5 هزار 581، اسلام آباد ۾ 4 هزار 492، بلوچستان ۾ 500، گلگت بلتستان ۾ 312، آزاد ڪشمير ۾ 219 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين س??ي ملڪ ۾ ڪ??وي?? 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 4 لک 53 هزار 828 ٿي چڪو آهي. گلگلت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪ??وي?? 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه ??هي، جڏهن ته س??ي ملڪ ۾ ڪ??وي?? 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪ??وي?? 19 جا 300 مريض آهن. س??ي ملڪ ۾ ڪ??وي?? 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 33 هزار 124 آهي.