اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??لڪ ۾ سياحتي ماڳن جي فروغ ۽ تعمير ۽ ترقي لاءِ حڪمت عملي ۽ منصوبابندي جي فوري آغاز جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ مختلف قسم جي سياحت جي فروغ سان ??عاشي عمل ۾ تيزي ايندي ۽ مقامي آبادين جي لاءِ نوڪرين ۽ روزگار جا موقعا به مي??ر ايندا. ان حوالي ??ان سرڪاري ملڪيتي عمارتن کي مثبت انداز ۾ استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ به کنيل قدمن کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ سياحت جي فروغ لاءِ کنيل قدمن جي حوالي ??ان اعليٰ سطحي جائزي اج??اس جي صدارت ڪندي ڪيو، اج??اس ۾ بحري معاملن واري وزير سيد علي ??يدر زيدي، پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمود خان، خاص مددگار ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه، سيد ذوالفقار عباس بخاري، ڊاڪٽر شهباز گل، پنجاب جي وڏي وزير جي صلاحڪار آصف محمود، صوبائي چيف سيڪريٽريز ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي.