اسلام آباد – 21 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چي?? آهي ته ڪورنا وائرس سان پيدا ٿيندڙ صورتحال جي ڏس ۾ اسان جو چئلينج ترقي يافته ملڪن کان وڏو آهي، اسان کي پنهنجي ماڻهن کي وبا سان گڏ??گڏ غربت ۽ بک کان به بچائڻو آهي، قوم ڪورون?? کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ متحد ٿي وڙهي، عوام رمضان المبارڪ ۾ مسجدن ۾ وڃڻ لاءِ 20 نقاطي گائيڊ لائينز تي عملدرآمد کي يقيني بڻائيندي، ڪنهن به علائقي ۾ ڪورونا جي پکڙجڻ جو خدشو هجڻ تي فيصلي تي نظرثاني ڪئي ويندي. ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال ۽ ان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪومتي قدمن بابت ڳالهائيندي وزيراعظم چي?? ته ڪورونا جو چئلينج ڪيتري دير تائين ر??ندو ان بابت ڪو به اندازو نه ٿو هڻي سگهجي، ان لاءِ هاڻي مختلف ملڪ لاڪ ڊائون ۾ نرمي جو طريقو اختيار ڪري رهيا آهن.