اسلام آباد – 12 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته قومي اسيمبلي جو اسٽريٽجڪ پلان 23 – 2019ع پار??يا??ينٽ کي غربت، بيروزگاري ۽ ناڻي واڌ جهڙا مسئلا حل ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو جڏهن ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جو چوڻ آهي ته آئون رڳو پي ٽي آءِ جو اسپيڪر نه آهيان پر پوري ايوان جو ڪسٽوڊين آ??يان، موثر قانونسازي جو مقصد عوام کي رليف ڏيڻ آهي ۽ پار??يا??ينٽ ذريعي ئي عوامي مفادن جو تحفظ يقيني بڻائي سگهجي ٿو. پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف پار??يا??ينٽري سروسز ۾ قومي اسيمبلي اسٽريٽجڪ پلان 23 – 2019ع جي رپورٽ جاري ڪرڻ جي موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي جاري وڊيو پيغام ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي قانونسازي جي صلاحيتن ۾ اضافي جي ضرورت تي زور ڏنو.