اسلام آباد – 29 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پاڪستان ٺاهڻ جي سفر ۾ قائداعظم جو ساٿ فاطمه ??نا?? ڏنو، پاڪستان جي استحڪام لاءِ 72 سال لڳا، مشڪل رستن تي هلندي ڏکيو سفر طئي ڪري ورتو، هاڻي پاڪستان جي استحڪام جي سفر تي گامزن آهيون. هو عالمي اسل??مي يونيورسٽي ۾ پنجاب جي عورتن جي ترقي بابت وزارت ۽ پاڪستان جو پيغام سينٽر فا?? پيس جي گڏيل تعاون سان ”پاڪستان جون ڌيئرون ويزن 2020ع“ مشاورتي اجلاس کي خطاب ڪري رهي هئي.