دبئي – 30 – نومبر (اي پي پي) نگران وزير??عظ?? انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل قومن جي 28 هين ڪانفرنس آف پارٽيز (ڪوپ – 28) جي ايڪسپو سٽي ۾ جمعي کان شروع ٿيندڙ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزير??عظ?? پهرين ۽ ٻه ڊسمبر تي ورلڊ ڪلائميٽ ايڪشن سمٽ ۾ شرڪت ڪندو. نگران وزير??عظ?? ورلڊ ڪلائميٽ ايڪشن سمٽ ۾ 2 ڊسمبر تي قومي موقف پيش ڪندو. ڪانفرنس جي موقعي تي نگران وزير??عظ?? جي مختلف عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون متوقع ??هن. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني، ناڻي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر، موسمياتي تبديلي وارو نگران وفاقي وزير احمد عرفان اسلم ۽ توانائي وارو نگران وفاقي وزير محمد علي پڻ ڪوپ – 28 ۾ شرڪت ڪري رهيا ??هن.