گڏيل قومون_ 23 فيبروري(اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوترس چيو آهي ته ولاريل فلسطيني علائقن ۾ اسرائيلي وسندين جو ڪو به سبب نه آهي. پنه??جي هڪ بيان ۾ هن انهن وسندين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته اولهه ڪناري ۾ ڇڪتاڻ کانپوءِ ولاريل بيت المقدس جي حيثيت کي هڪ طرفا قدمن سان تبديل ڪري سگهجي ٿو. ميڊيا ر??ورٽن ??وجب هن چيو ته هر نئين وسندي واريون سرگرميون عالمي قانون موجب غير قانوني آهن ۽ انهن کي روڪڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته ولاريل فلسطيني علائقن ۾ موجود صورتحال سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڇڪتاڻ واري آهي ، اسرائيل لسطين امن عمل تعطل جو شڪار آهي ۽ ڇڪتاڻ عروج تي پهچي چڪي آهي، هن گڏيل قومن تي زور ڀريو ته اسا??جي فوري ترجيح وڌيڪ ڇڪتاڻ روڪڻ ، تشدد ۾ گهٽتائي آئڻ ?? امن بحال ڪرڻ آهي.