اسلام آباد – 12 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موجوده دور جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ فرقيواريت کي روڪڻ لاءِ عالم پنهنجو ڪردار اد?? ڪ?? ۽ ??وام کي ڪورونا وائرس کان بچائڻ جي حوالي سان رهنمائ?? به فراهم ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن خيبرپختونخوا سان تعلق رکندڙ مشهور مذهبي شخصيتن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪئي، جن ساڻس ملاقات ڪئي.