اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) ڪاب??نا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) پيٽرول??م مصنوعات جي قيمتن تي ماهوار بنيادن بدران هر 15 ڏينهن کانپوءِ نظرثاني ڪرڻ جي تجويز جي منظوري ڏيئي ڇڏي آهي، وفاقي ڪاب??نا کان منظوري کانپوءِ نئون طريقيڪار پهرين آگسٽ کان لاڳو ٿيندو، اجلاس ۾ ٽريڊنگ ڪارپوريشن ذريعي ٽي لک ٽن کنڊ جي درآمد جي منظوري پڻ ڏني وئي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ توانائي واري وزارت پاران پيٽرول??م مصنوعات جي قيمتن تي هر مهيني بدران هر 15 ڏينهن کانپوءِ نظرثاني ڪرڻ جي تجويز جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت ج?? ٽن لک ٽن ريفائن کنڊ جي درآمد بابت تجويز جي منظوري ڏني وئي ته جيئن اڳتي ڪريشنگ سيز کان اڳ کنڊ جي وڏي مقدار ۾ ذخيري کي برقرار رکي سگهجي ۽ کنڊ جي کوٽ کان محفوظ رهي سگهجي. اجلاس ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن جي لاءِ هر 15 ڏينهن کانپوءِ پليٽ اوسط جي بنياد تي نئون طريقيڪار اختيار ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏني وئي. وفاقي ڪاب??نا جي منظوري کانپوءِ نئون طريقيڪار پهرين آگسٽ 2020ع کان لاڳو ٿيندو، ان طريقيڪار تحت ريفائنريز ۽ آئل م??رڪ??ٽنگ ڪمپنين ک?? ٽن مهينن جي منصوبابندي بهتر انوينٽري انتظام ۽ انصرام، سيلز جي بهتر رپورٽنگ ۽ اسٽاڪ جي ضرورتن، شفافيت، قيمتن جي واضح صورت ۽ ڪنهن هڪ آئل م??رڪ??ٽنگ ڪمپني تي دارومدار گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. موجوده نظام تحت پيٽرول??م مصنوعات جي قيمتن جو تعين مهيني جي بنيادن تي ريفائنريز کي تيل صاف ڪرڻ کان اڳ جي قيمت جي اعلان جي اجازت تحت ٿئي ٿو جڏهن ته ان جي لاءِ اها شرط رکي وئي آهي ته پيٽرول??م مصنوعات جي قيمت پي ايس او جي گذريل مهينن جي حقيقي اوسط درآمدي قيمتن کان وڌيڪ نه هجي.