اسلام آباد – 09 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قوم کي عيدالاضحيٰ سادگي ??ان ملهائڻ جي اپيل ڪندي ان موقعي تي ايس او پيز تي عملدرآمد تي زورڏنو آهي. عيدالاضحيٰ تي لاپرواهي ??ان ڪورونا پکڙجڻ جو خدشو آهي، ا??ان انهن ملڪن ۾ شامل آهيون جتي ڪورونا جي وبا جي شدت گهٽ ٿي رهي آهي، جيڪڏهن ا??ان احتياط ڪنداسين ته دنيا جي مقابلي ۾ ان مشڪل صورتحال ۾ بهتر انداز ??ان نڪرنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن وف??قي گادي واري شهر ۾ آئسوليشن اسپتال ۽ وبائي مرضن جي علاج جي جديد مرڪز جي افتتاح جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي منصوبابندي وارو وف??قي وزير اسد عمر، اطلاعات ۽ نشريات وارو وف??قي وزير سينيٽر شبلي فراز، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، چين جو پاڪستان ۾ مقرر سفير ۽ اعليٰ عملدار به موجود هئا. وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪورونا وبا ۽ لاڪ ڊائون جي مشڪل صورتحال جي باوجود ٿوري مدي ?? جديد اسپتال ٺاهڻ تي اين ڊي ايم اي کي پو??ي قوم طرفان خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، ان اسپتال ۾ بيڊز، عملي سميت سموريون جديد سهولتون موجود آهن.