اسلام آباد – 06 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان سامونڊي معاملن واري و??اق?? وزير سيد علي زيدي ۽ حبيب بئنڪ جي چيئرمين سلطان علي الانا ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب حبيب بئنڪ جي چيئرمين سلطان علي الانا وزيراعظم کي ڪورونا وائرس جي صورتحال جي ڏس ۾ عوام کي رليف ??يڻ جي لاءِ موجوده حڪومت پاران ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو معاشي پئڪيج ??يڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. سلطان علي الانا احساس ا??مرجنسي ڪيش پروگرام انتهائي شفافيت ۽ ميرٽ جي بنياد تي هلائڻ تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم احساس ا??مرجنسي ڪيش پروگرام کي مستحقين تائين پهچائڻ ۾ حبيب بئنڪ جي خدمتن ۽ معاونت کي ساراهيو. سامونڊي معاملن واري وزير وزارت جي معاملن خاص طور تي ڪورونا وائرس جي صورتحال ۽ ان دوران بندرگاهن ۽ ٻين لاڳاپيل معاملن جي حوالي سان مختلف قدمن تي وزيراعظم کي بريفنگ ڏني.