اسلام آباد – 18 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت ۾ عالم سڳورن جي هڪ اجلاس ۾ ڪ??رونا وائرس جي موجوده صورتحال جي ڏس ۾ رمضان المبارڪ د??ران تراويح نماز ۽ جمعي نماز بابت 20 نقاطي ايجنڊا جاري ڪئي وئي آهي. صدر رمضان المبارڪ د??ران تراويح نماز ۽ جمعي نماز بابت آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ چئني صوبن جي وڏن وزيرن، گورنرن، عالم سڳورن ۽ سياسي شخصيتن سان تفصيلي مشاورت ڪئي جڏهن ته چئني صوبائي حڪومتن کان ان حوالي سان لکت ۾ سفارشون طلب ڪيون هيون، صحت جي عالمي اداري جي سفارشن ۽ ڪو??ونا جي ڪري ملڪ جي اندروني صورتحال کي پڻ نظر ۾ رکيو وي?? آهي، صدر جي ڀرپور ڪو??شن سان مشاورت ت?? ٻڌل اهو متفقه پڌرنامو طئي ٿيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي عالم سڳورن جي هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي.