اسلام آباد – 31 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته ملڪ جي سمورن صوبن سان ڪرونا سبب متاثر مريضن، اسپتالن ۾ سهولتن، ٽيسٽنگ ڪٽس ۽ وينٽي ليٽرز جي دستيابي سميت لاڳاپيل ڊيٽا گڏ ڪرڻ جو عمل منظم ڪيو وڃي، عوام کي ??ر رخ کان مڪمل ب??خب?? رکيو وڃي، رليف جي فراهمي مڪمل ميرٽ تي يقيني بڻائي وڃي ۽ ان سلسلي ۾ ڪو به فرق نه ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن ڪرونا وائرس جي روڪٿام، تشخيص لاءِ سهولتن، موجوده صورتحال ۾ صنعتي عمل جي رواني کي ??قيني بڻائڻ لاءِ قدمن، حڪومت پاران اقتصادي پيڪيج، بنيادي ضرري شين جي گهرج ۽ پهچ ، ايگريڪلچر جي شعب?? جي حوالي سان قدمن ۽ نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽ?? جي فيصلن تي عملدرآمد جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.