اسلام آباد-30 ڊسمبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير قي??ر احمد شيخ چيو آهي ته پي ٽي آءِ جو اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين جو اسرار مذاق ۾ وِجهڻ واري ڳال??ه آهي، سياسي پارٽيءَ کي سياسي پارٽيءَ سان ئي ڳالهيون ڪرڻ گهرجن. ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چ??و ته هن وقت جيڪي ڳالهيون هلي رهيون آهن اهي سٺو سنوڻ آهن، سياسي پارٽيءَ کي سياسي پارٽيءَ سان ئي ڳالهيون ڪرڻ گهرجن، سال 2024ع معيشت جي بهتريءَ جو سال هو، حڪومت وياج جي شرح، مهانگائي جو تناسب گه?? ڪيو. هن چ??و ته هاڻ وياج اؤسر وڌڻ گهرجي، مان سمجهان ٿو ته بجلي جون قيمتون گهٽ ٿينديون ته انڊسٽري وڌندي، معاشي استحڪام سان سياسي استحڪام تمام ضروري آهي.