اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پي آءِ اي جي يورپ جي ل??ءِ اڏامن جي بحالي کانپوءِ پيرس جي ل??ءِ پهرين اڏام جي روانگي تي عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پي آءِ اي جي يورپ جي ل??ءِ اڏام جي بحالي سان ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي سهولت ٿيندي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني سڌوسنئ??ن اڏامن ??ان فائدو کڻي سگهندا. اڏامن جي بندش سان قومي ايئر لائينز کي اربين ڊالر جو نقصان ۽ ان جي ساک متاثر ٿي. الله جي فضل ۽ ڪرم سان حڪومت قومي ايئر لائينز جو تش??ص بحال ڪيو. وزيراعظم چيو ته يورپ اڏامن جي بحالي کانپوءِ پي آءِ اي ترقي طرف گامزن آهي. ان حوالي سان نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، هوابازي ?? دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، لاڳاپيل سمورا ادارا، ان جا آفيسر ۽ اهلڪار ساراهه جي لائق آهن.