اسلام آباد-26 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ بي مثال خدمتن کي ساراهيندي چي?? آهي ته هوءَ نه صرف پاڪستان پر پوري دنيا ۾ جمهوريت جي علمبردار طور سُڃاتي ويندي هئي. هن شهيد محترم?? جي سياسي ڪاميابين جو ذڪر ڪندي چي?? ته هن اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم ۽ مخالف ڌر بڻجڻ جو اع??از پنهنجي نالي ڪيو، جنهن سان ملڪ جي عورتن کي سياست ۾ اچڻ ۽ پنهنجو هاڪاري ڪرداري ادا ڪرڻ جو حوصلو مليو. هن اهڙو اظهار شهيد محترم?? جي 17هين ورسيءَ جي موقعي تي ڪيو، جيڪو هر سال 27 ڊسمبر تي سڄي ملڪ ۾ عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندي آهي. اسپيڪر چي?? ته محمد نواز شريف ۽ شهيد محترم?? جي ڪوششن سبب ميثاقِ ج??هوريت ممڪن ٿي جيڪا ملڪ جي ٻن وڏين سياسي پارٽين جو وڏو ڪارنامو آهي. هن چي?? ته ميثاقِ ج??هوريت عيوض 18هين ۽ 26هين ترميمن ذريعي 1973ع جي آئين کي پنهنجي اصل روح ۾ بحال ڪيو ويو. هن چي?? ته پاڪستاني قوم صدر مملڪت آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ٿورائتي آهي جنهن شهيد محترمه ڀٽو ۽ محمد نواز شريف وچ ۾ ڪيل ميثاقِ ج??هوريت جي عهد کي نڀايو. هن موجوده دؤر ۾ قومي مفاهمت کي هٿي ڏيڻ ۽ قومي مفادن کي ذاتي مفادن تي ترجيح ڏيڻ لاءِ محترم?? جي نقش قدم تي هلڻ جي ضرورت تي زور ڀريو.