اسلام آباد– 16 – ڊسمبر (اي پي ??ي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته يونان ۾ ٻيڙين جي اونڌي ٿيڻ جي واقعن ۾ فوت ٿ??ندڙن مان چئن پاڪستاني شهرين جي سڃاڻپ ٿ?? وئي آهي. پنهنجي بيان ۾ ترجمان چيو ته اسان گهري ڏک سان اعلان ڪريون ٿا ته يوناني عملدارن پاران شيئر ڪيل تازه ترين معلومات موجب ڇنڇر ڏينهن يونان جي جزيري ڪريٽ جي ڏکڻ ۾ ٻيڙين جي اونڌي ٿيڻ جي واقعن ۾ فوت ٿ??ندڙن مان چئن پاڪستاني شهرين جي سڃاڻپ ٿ?? آهي. ترجمان چيو ته ايٿنز ۾ اسان جو مشن يوناني عملدارن سان رابطي ۾ آهي ته جيئن بچي ويلن کي سهولت فراهم ڪري سگهجي ۽ لاشن کي وطن واپس آڻي سگهجي.