اسلام آباد– 18 – ڊسمبر (اي پي پي) نائب ??زي??اعظم ۽ پرڏيهي ??زي?? سينيٽر محمد اسحاق ڊار مصر ??ي گادي واري شهر قاهره ۾ منعقد ٿيندڙ 21هين ڊي – 8 پرڏيهي ??زي??ن واري ڪا??ونسل جي اجلاس جي ??وقعي تي ايران جي ??رڏيهي ??زي?? سيد عباس عراقچي سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب هنن سياسي ۽ اقتصادي شعبن ۾ اعليٰ سطحي مٽاسٽا سان ٻطرفن لاڳاپن جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هنن واپاري ۽ اقتصادي تعاون وڌائڻ سميت عوام سان عوام جا رابطا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. نائب ??زي??اعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ ايران جي ??رڏيهي ??زي?? وچ اوڀر جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب ??زي??اعظم فلسطين تي پاڪستان جي اصولي موقف جو ورجاءُ ڪندي فلسطيني عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو.