اسلام آباد- 15 ڊسمبر (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي سينئر اڳواڻ، هائوس بلڊنگ فنانس ڪارپوريشن ۽ اويڪيو ٽرسٽ بورڊ جي اڳوڻي چيئرمين صديق الفاروق جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي مرحوم جي بلند درجن لاءِ دعا ڪئي ۽ سندس ڪٽنب سان تعزيت جو اظهار به ڪيو. وزي??اع??م آفيس جي پريس ونگ مان آچر ڏينهن جاري تعزيتي بيان ۾ وزي??اع??م چيو ته مرحوم صديق الفاروق جي پاڪستان مسلم ليگ(ن) لاءِ خدمتن ??ي هميشه ياد رکيو ويندو، سندس لاڏاڻي سان پارٽي هڪ مخلص ۽ ناليواري سياستدان کان محروم ٿي وئي آهي. وزي??اع??م محمد شهباز شريف دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطافرمائي.