اسلام آباد-17 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف، مير عطاالله لانگو کي بلوچستان هاءِ ڪورٽ بار ايس??سي??يشن جو صدر چونڊجڻ ۽ ٻين نون چونڊيل عهديدارن ک?? مبارڪون ڏنيون آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري ڪيل بيان م??ابق وزيراعظم چيو ته بلوچستان هاءِ ڪورٽ بار ايس??سي??يشن جي چونڊن ۾ ڪاميابي وڪيل برادري جي فلاح ۽ بهبود جو سبب بڻجندي. وزيراعظم بار ايس??سي??يشن جي آئين جي پاسداري، قانون جي حڪمراني کي هٿي ڏيڻ ۽ بلوچستان جي وڪيلن جي مفادن جي تحفظ جي عزم کي به ساراهيو. وزيراعظم چيو ته هو پراميد آهي ته نئين چونڊيل ٽيم قانوني پيشي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اڻٿڪ محنت ڪندي ۽ ملڪ ۾ انصاف ۽ جمهوريت کي هٿي ڏيڻ ۾ ا??م ڪردار ادا ڪندي.