اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گ??گت بلتستان جي گهانچي جهڙي ڏورانهن علائقي ۾ اعليٰ تعليم جي اداري رمدي يونيورسٽي جو قيام انتهائي خوش آئنده آهي، گ??گت بلتستان جي ترقي ۽ اتان جي عوام جي ڀلائي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف گ??گت بلتستان ۾ ٿاگوس، ضلعي گهانچي وٽ قائم ڪئي ويندڙ رمدي يونيورسٽي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب اسلام آباد ۾ منعقد ٿي. رمدي يونيورسٽي هڪ ٽرسٽ تحت قائم ڪئي پئي وڃي. رمدي يونيورسٽي جي تعمير سمنڊ پار پاڪستانين سميت سڄي پاڪستان مان سرندي وارن ماڻهن جي تعاون سان مڪمل ٿيندي. ان کانسواءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف رمدي يونيورسٽي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته جسٽس (ر) خليل الرحمان رمدي ۽ سندس سمورن ساٿين کي دل جي گهراين سان رمدي يونيورسٽي جي قيام جي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، رمدي يونيورسٽي قائم ڪرڻ جي حوالي سان تعاون ڪندڙ سمورن ادارن ۽ ماڻهن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. هن چيو ته اڄ اسان سڀ گڏجي هتان جي ٻارن ۽ ٻارڙين جي روشن مستقبل جو بنياد رکيو آهي، گ??گت بلتستان جي گهانچي جهڙي ڏورانهين علائقي ۾ اعليٰ تعليم جي اداري جو قيام انتهائي خوش آئنده آهي. وزيراعظم چيو ته مون کي يقين آهي ته 11 هزار فٽ جي بلندي تي ٿاگوس وٽ قائم ٿيندڙ اها يونيورسٽي جديد علم ۽ تحقيق جي معيار جون بلند چوٽيون پار ڪندي، انشاءَ الله پاڪستان ۾ تعليم جي فروغ ۾ نجي شعبي جو ڪردار انتهائي اهم آهي، نجي تعليمي ادارن مان فا??غ ٿيندڙ شاگردن هر شعبي ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو آهي. هن چيو ته گ??گت بلتستان جي ترقي ۽ اتان جي عوام جي ڀلائي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، گذريل ڏينهن گ??گت بلتستان جي دوري دوران ٻوڏ کان متاثر 62 خاندانن کي ??هر حوالي ڪيا ويا آهن، گ??گت بلتستان ۾ 100 ميگاواٽ شمسي توانائي جي منصوبي جي شروعات ڪئي وئي جيڪو علائقي جي بجلي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو. وزيراعظم چيو ته ڪالهه ئي گ??گت بلتستان ايجوڪيشن انڊومنٽ فنڊ جو اعلان ڪيو آهي جنهن سان گ??گت بلتستان جا قابل ۽ مستحق شاگرد فائدو کڻي سگهندا ۽ معاشري جي تعميري ماڻهن جي طور تي پاڪستان جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهندا. تقريب ۾ جسٽس (ر) خليل الرحمان رمدي، رمدي يونيورسٽي جي حوالي سان بريفنگ ڏني. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته رمدي يونيورسٽي گ??گت بلتستان جي ضلعي گهانچي جي علائقي ٿاگوس ۾ 200 ڪينال ايراضي تي قائم ڪئي پئي وڃي، رمدي يونيورسٽي دنيا جي بلند ترين جاين تي تعمير ڪئي ويندڙ يونيورسٽين مان هڪ هوندي، يونيورسٽي ۾ ما??وليات ۽ موسمياتي تبديلي، هائيڊرولوجي، معدنيات سميت ٻين مضمونن جي تعليم ڏني ويندي. اسفنديار ولي رمدي اسڪول گهانچي جي شاگردن قومي ترانو پيش ڪيو. اسفنديار ولي اسڪول گهانچي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين وڊيو لنڪ جي ذريعي تقريب ۾ شرڪت ڪئي.