اسلام آباد- 05 نومبر (اي پي پي) ناڻي و??ري وفاقي و??ير محمد اورنگزيب سان ??ڏي?? قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم اڱاري ڏينهن هتي ملاقات ڪئي. ناڻي و??ري و??ارت مان جاري بيان مطابق ملاقات ۾ ناڻي و??ري و??ير جي مختلف شراڪتدارن، مالياتي ادارن، واپاري ۽ سيڙپڪاري بئنڪن، ٻه طرفي شراڪتدارن، ٿنڪ ٽينڪس ۽ حڪ??متي عهديدارن سان منعقد مشاورت ۽ ڳالهين تي عملدرآمد ۽ اڳڀرائيءَ بابت معاملا بحث هيٺ آيا. ان موقعي تي منير اڪرم پاڪستان طرفان موسمياتي انصاف جي ضرورت ۽ اهميت کي اجاگر ڪرڻ، موسمياتي مالي معاونت ۾ اضافي ۽ اُسرندڙ ملڪن جي امداد لاءِ واپاري سڌارن کي هٿي وٺ??ائڻ جي ڪوششن تي روشني وڌي. هن ڊيميج اينڊ لاس فنڊ کي جلد کان جلد فعال ڪرڻ، 2021ع جي اسپيشل ڊرائينگ رائٽس الاٽمينٽ جو 50 سيڪڙو ٻيهر ترقياتي ڪمن ۾ استعمال ڪرڻ جي معاهدي کي لاڳو ڪرڻ ۽ ??ڏي?? قومن ۾ بين الحڪومتي عمل ذريعي سيڪريٽري جنرل طرفان پائيدار ترقيءَ جي هدفن لاءِ تجويز ڪيل قدمن کي عملي جامو پارائڻ لاءِ عالمي سطح تي پاڪستان جي ڪوششن کي به اجاگر ڪيو. منير اڪرم ترقي يافته ملڪن طرفان پنهنجي مجموعي قومي آمدنيءَ جو 0.7 سيڪڙو سرڪاري ترقياتي امداد جي فراهمي جي عزم کي پوري ڪرڻ لاءِ واضح ۽ مختلف وقتن تي ٻَڌل روڊ ميپ واضح ڪرڻ ۽ ??ڏي?? قومن تحت اوسرندڙ ملڪن ۾ پائيدار بنيادي ڍانچي ۾ سرڪاري ۽ نجي سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺ??ائڻ لاءِ نظام جي جوڙجڪ جي سلسلي ۾ ڪوششن تي به روشني وڌي ته جيئن قرضن جي بار هيٺيان دٻيل ملڪن لاءِ تيز ۽ منصفاڻي قرض معافي ۽ ري اسٽرڪچرنگ جي سهولت فراهم ڪري سگهي.