استنبول-22 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاق?? وزير محسن نقوي استنبول ۾ عالمي ايڪسپو ۾ شرڪت ڪئي. وفاق?? وزير ٻين ملڪن جي نمائندن سان گڏ انٽرنيشنل ايڪسپو 2024ع جو افتتاح ڪيو. عالمي ايڪسپو پهچڻ تي ترڪيه جي اعليٰ عملدارن وفاق?? وزير محسن نقوي جي آجيان ڪئي. وفاق?? وزير چيف آف دي ترڪش جنرل اسٽاف ميٽن گورڪ سان ملاقات ڪئي. گهرو وزير، جنرل ميٽن گورڪ کي عالمي ايڪسپو جو بندوبست ڪرڻ تي کيس مبارڪون ڏنيون ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. جنرل ميٽن گورڪ انٽرنيشنل ايسڪپو ۾ ??اڪ??تان جي نمائندگي تي وفاق?? وزير محسن نقوي جو شڪريو ادا ڪيو. وفاق?? وزير ٻين ملڪن جي نمائندن سان گڏ ايڪسپو جو دؤرو ڪيو. گهرو وزير ايڪسپو ۾ لڳايل ??اڪ??تان آرڊيننس فيڪٽريز جي اسٽال جو پڻ معائنو ڪيو ۽ ??اڪ??تاني اسٽال سنڀاليندڙن سان ملاقات ڪئي ۽ ايسڪپو ۾ رکيل ??اڪ??تاني اوزارن جي تعريف ڪئي. گهرو وزير ايڪسپو ۾ رکيل جديد اوزارن ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ايڪسپو ۾ جديد مشينري ۽ اوزار ڏسي مون کي خوشي ٿي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ”انٽرنيشنل ايڪسپو 2024ع“ دوست مل??ن ۾ گڏيل تعاون وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيند??. ت??ڪيه ۾ ??اڪ??تان جي سفير يوسف جنيد ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. ان کان اڳ وفاق?? وزير اهم دؤري تي ترڪيه پهتو ته استنبول ايئرپورٽ تي ??اڪ??تان جي سفير، ترڪيه جي گهرو وزارت جي ڊي جي مهمت عليدي ۽ اعليٰ عملدارن سندس شاندار استقبال ڪيو. وفاقي ترڪيه ڪابينه ج?? وزيرن ۽ مرڪزي قيادت سان ملاقاتون ڪندو. گهرو وزير چيو ته ترڪيه جي دؤري دوران گڏيل سهڪار کي مضبوط بنيادن تي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. بارڊر مئنجمينٽ، انساني اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ ٻه طرفي سهڪار وڌائڻ جي امڪانن تي ترڪيه ج?? وزيرن ۽ ليڊرشپ سان ڳالهيون ٿينديون. هن چيو ته ??اڪ??تان ۽ ترڪيه وچ ۾ بهترين ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ترڪيه هميشه ??اڪ??تان جو ساٿ ڏنو آهي. هن چيو ته دؤري جو مقصد پاڪ- ترڪيه لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ آهي.