اسلام آباد-11 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب جي سيڙپڪاري واري وزير خالد بن العزيز الفالح پاڪ – سعودي عرب بزنس فورم کي خطاب ڪندي چيو آھي ته تازي دوري دوران ٻنھي ملڪن جي واپاري وفدن وچ ۾ ملاقاتون اثرائتون ثابت ٿي??ن آھن. جمعي تي منعقد ٿي?? فورم جي موقعي تي خيالن جو اظھار ڪندي سعودي وزير چي?? ته اھو دورو پاڪستان ۽ سعودي عرب جي ڀائراڻن ناتن ۾ و??يڪ اضافي جو سبب بڻجندو. ھن چي?? ته تازي دوري دوران پاڪستان سان ڪيترن ئي معاھدن ۽ مفاھمت جي يادداشتن تي صح??حيون ڪيون ويون آھن، جن سان ٻنھي برادر ملڪن جي اقتصادي ۽ واپاري رابطن کي ھٿي ملندي.