اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان سياسي معاملن بابت آمريڪا جي وقتي انڊر سيڪريٽري جان باس ۽ پرنسپل ڊپٽي ا??سٽ??ٽ سيڪريٽري الزبيٿ هورسٽ سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ پاڪ آمريڪا ٻ??رف?? لاڳاپن ۽ تعاون جي جاري منصوبن تي خيالن جي ڏي ??ٺ ڪئي وئي. نائب وزيراعظم پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ مثبت ۽ لاڀائتن رابطن جي اهميت تي زور ڏنو. ٻئي طرف آمريڪي سفارتخاني پاران جاري پڌرائي موجب سياسي معاملن بابت آمريڪا جي وقتي انڊر سيڪريٽري جان باس نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عاصم منير سان ملاقات ڪئي. هن دهشتگردي ۽ پرتشدد انتهاپسندي جو مقابلو ڪرڻ ۽ علائقائي استحڪام ۽ خوشحالي کي فروغ ڏيڻ جي اهميت سميت اقتصادي ۽ سيڪيورٽي معاملن تي ٻ??رف?? تعاون کي سگهه ڏيڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي ??ٺ ڪئي. وقتي انڊر سيڪريٽري آمريڪا ۾ افغانين جي آبادڪاري جي سلسلي ۾ مدد جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل تعاون تي ٿورا مڃيا. وقتي انڊر سيڪريٽري 2025 – 2026ع ج?? مدي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو غيرمستقل ميمبر چونڊجڻ تي نائب وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني ۽ ان مدي دوران پاڪستان ح??وم?? سان گڏجي ڪم ڪرڻ ۾ آمريڪا جي دلچسپي جو اظهار ڪيو.