اسلام آباد -07 سيپٽمبر (اي پي پي)وز??را??ظم محمد شهباز شريف مهمند ضلع ۾ خارجي دهشتگردن پاران فرنٽيئر ڪور هيڊ ڪوارٽرز تي حملي جي ڪوشش ناڪام بڻائڻ تي پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جو??نن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي، ته پاڪ فوج جي جو??نن بهادري ۽ پيشيوراڻي مهارت سان ڪيمپ تي حملو ڪندڙ 4 آپگهاتي خارجين کي جهنم ڀيڙو ڪيو آهي. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرف??ن جاري بيان ۾ وز??را??ظم چيو ته مون سميت سڄي قوم پاڪ فوج جي بهادر آفيسرن ۽ جو??نن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي. دهشتگردي جي لعنت کان ملڪ کي مڪمل طور پاڪ ڪرڻ تائين ان خلاف جنگ جاري رکنداسين. پاڪ فوج جا آفيسر ۽ جو??ن فتنه الخوارج جي دهشتگردن کان پاڪست??ن جي ڌرتي کي پاڪ ڪرڻ لاءِ مصروف آهن. دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پوري قوم پاڪست??ن جي هٿياربند فوج سان گڏ بيٺل آهي.