اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مهانگائ?? جي شرح سنگل ڊيجٽ تي اچڻ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته آگسٽ مهيني ۾ مهانگائ?? جي شرح 9.6 سيڪڙو اچڻ معيشت ۾ بهتر?? جي حوالي سان حڪومتي قدمن جي عڪاس آهي، معاشي ماهر?? پاران سيپٽمبر جي مهيني ۾ ناڻي واڌ جي شرح ۾ وڌيڪ گهٽتائ?? جي اڳڪٿي قوم جي لاءِ خوشخبري کان گهٽ نه آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ڳڻپ واري اداري پاران جاري رپورٽ ۾ آگسٽ 2024ع دوران ??هانگائ?? جي شرح سنگل ڊيجٽ تي اچڻ جي اعلان تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان حڪومتي معاشي ٽيم جي محنت نظر اچي رهي آهي، آگسٽ مهيني ۾ مهانگائ?? جي شرح 9.6 سيڪڙو تي اچڻ معيشت ۾ بهتر?? جي حوالي سان حڪومتي قدمن جي عڪاس آهي. وزيراعظم چيو ته گذريل ٽن سالن ۾ مهانگائ?? جي گهٽ ترين شرح جو ڪريڊٽ حڪومتي ٽيم جي محنت ڏانهن وڃي ٿو، ناڻي واڌ ۾ گهٽتائي ناڻي واري وزارت جي اڪنامڪ آئوٽ لُڪ رپورٽ جي اڳڪٿ?? جي عين موجب آهي جنهن ۾ چيو ويو هو ته آگسٽ 2024ع ۾ ناڻي واڌ جي شرح 9.5 کان 10.5 سيڪڙو جي وچ ۾ رهندي. هن چيو ته معاشي ماهر?? پاران سيپٽمبر جي مهيني ۾ ناڻي واڌ جي شرح ۾ وڌيڪ گهٽتائ?? جي اڳڪٿي قوم جي لاءِ خوشخبري کان گهٽ نه آهي، 2018ع ۾ به ناڻي واڌ جي شرح کي سنگل ڊيجٽ تي ڇڏي ويا هئاسين، 2018ع کانپوءِ چار سالن ۾ ڏوهاري غفلت ۽ عوام دشم?? پاليسين جي ڪري معيشت بدحالي جو شڪار رهي، مهانگائي ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو ۽ عوام جي لاءِ پريشان?? جي دور جي شروعات ٿي. هن چيو ته اسان ??نهنجي سياست جي قرباني ڏئي ملڪي معيشت کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچايو، معاشي ٽيم جي ڏينهن رات محنت سان ??ه رڳو معيشت مستحڪم ٿي پر ترقي طرف گامزن آهي، خادم پاڪستان جون ذميواريون سنڀالڻ کانپوءِ عوام سان ??چن ڪيو هو ته انهن جي پريشانين کي گهٽ ڪرڻ تائين سک سان ??ه ويهندس. هن چيو ته الله تعاليٰ جو وڏو ڪرم آهي جو پنهنجا واعدا پُورا ڪرڻ طرف گامزن آهيون، حڪومتي معاشي سڌارن جا مثبت نتيجا عوام جي خوشحال?? جي صورت ۾ عوام تائين پهچڻ شروع ٿي ويا آهن، عام ماڻهو جي زندگي کي آسان ۽ ان جي معاشي خوشحالي کانسواءِ پاڪستان جي ترقي جو هدف حاصل ڪرڻ ممڪن نه آهي.