اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي) ڪامن ويلٿ جي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ پنهنجي ??هر??ن سرڪاري دوري تي پاڪستان پهچي وئي. پاڪستان طرفان يورپ لاءِ ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري شفقت علي خان هوائي اڏي تي س??دس آڌر ڀاءُ ڪيو. پرڏيهي آفيس مان جاري هڪ بيان مطابق سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ پنهنجي پنجن ڏينهن واري دوري دوران پ??ڪستاني قيادت، ڪابينه ميمبرن، نوجوانن ج?? اڳواڻن، سول سوسائٽي جي نمائندن، اسٽيڪ هولڊرز ۽ ٻين سان ملاقاتون ڪندي. سيڪريٽري جنرل 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ۽ موسمي تبديلين جي ناڪاري اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان سان پنهنجي يڪجهتي جو ورجاءُ ڪندي. س??دس دوري دوران ٻئي ڌريون پ??ڪستان ۽ ڪامن ويلٿ وچ ۾ گڏيل مفاد جي ٻي?? شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪنديون جن ۾ پاڪستان جا ترقياتي منصوبه، نوجوانن کي با اختيار بنائڻ، واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ شامل آهن.