اسلام آباد – 22 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان ”اوڀر يروشلم سميت والاريل فلسطيني علائقي ۾ اسرائيل جي پاليسين ۽ طرز عمل سان پيدا ٿيندڙ قانوني نتيجن“ تي انصاف جي عالمي عدالت ج?? مشاورتي راءِ جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته انصاف جي عالمي عدالت ج?? فيصلو واضح طور تي ثابت ڪري ٿو ته والاريل فلسطيني علائقي ۾ اسرائيل جون غيرقانوني پاليسيون ۽ طرز عمل فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق جو احترام ڪرڻ جي ذميواري جي خلاف ورزي آهن ۽ اهو ته اسرائيل جي اها ذميوا??ي آهي ته هو پنهنجي غيرقانوني قبضي کي ختم، غيرقانوني آبادڪاري جون سرگرميون بند ۽ ٿيندڙ نقصان ج?? ازالو ڪري. پاڪستان ج??لاءِ 2023ع ۾ انصاف جي عالمي عدالت ۾ لکت ۾ درخواست ج??ع ڪرائي هئي ۽ بعد ۾ عدالت ۾ جواب به ڏنو هو. پاڪستان فيبروري 2024ع ۾ انصاف جي عالمي عدالت پاران ڪيس تي ٿيندڙ زباني عوامي ٻڌڻي ۾ پڻ حصو ورتو هو. پاڪستان انصاف جي عالمي عدالت ?? فلسطينين ج?? خودمختياري جي حق جي لاءِ پنهنجي مضبوط حمايت ج?? ورجاءُ ڪيو ۽ اسرائيل جي غيرقانوني حيثيت کي اجاگر ڪيو. بيان موجب پاڪستان عدالت ج?? مشاورتي راءِ تي فوري ۽ مڪمل عملدرآمد جو مطالبو ڪري ٿو. اسان اميد ڪريون ٿا ته عدالت ج?? اها رولنگ اسرائيلي قبضي جي خاتمي، فلسطينين ج?? نه کسجڻ جوڳي خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ ۽ فلسطين ج?? هڪ قابل عمل، محفوظ، لڳولڳ ۽ خودمختيار رياست قائم ڪرڻ طرف ه?? اهم قدم هوندو جيڪو 1967ع جي سرحدن موجب ۽ ان ج?? گادي وارو شهر القدس الشريف هجي.