اسل??م آباد – 11 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وفاقي ڪابينا کي پنهنجي چين جي تازي دوري بابت اعتماد ۾ وٺندي ٻڌايو ته دوري دوران سي پيڪ جي ??ئي مرحلي تي مثبت ڳالهه ٻولهه ٿي، پاڪ چين تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ??اءِ جلد هڪ اعليٰ سطحي چيني عملدارن جو وفد پاڪستان جو دورو ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. وزيراعظم اجلاس کي پنهنجي چين جي دوري بابت اعتماد ۾ وٺندي ٻڌايو ته دوري دوران شينزن ۾ پاڪستان چين بزنس فورم ۾ پاڪستاني ۽ چيني ڪاروباري ۽ سيڙپڪارن جي ??چ ۾ هزار کان وڌيڪ بي ٽو بي ملاقاتون ٿيون، چين جي زرعي شعبي ۾ جدت ۽ ترقي مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي ??اءِ پاڪستان حڪومت هڪ هزار نوجوانن کي ان شعبي ۾ پيشيواراڻي تربيت جي ??اءِ چين موڪليندي جڏهن ته ناليواري چيني ڪمپني هواوي هر سال 2 لک پاڪستاني نوجوانن کي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ??ختلف شعبن ۾ فني ۽ پيشيواراڻي تربيت فراهم ڪندي. وزيراعظم ڪابينا کي چين جي اعليٰ قيادت بشمول چيني صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ سان ملاقاتن ۽ انهن ۾ ٻنهي ملڪن جي گڏيل لاڳاپن، اقتصادي ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري تي مثبت اڳڀرائي جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو. بيان موجب وفاقي ڪابينا اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي سفارش تي نيشنل اسڪول فار پبلڪ پاليسي (اين ايس پي پي) جي بورڊ آف گورنرز ۾ نجي ۽ تعليمي شعبي مان ميمبرن جي ??قرري جي ??نظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا انساني حقن واري وزارت جي سفارش تي اسل??م آباد جي ??اءِ نيشنل ڪميشن فار هيومن رائيٽس (اين سي ايڇ آر) جي ??يمبر جي ??قرري جو عمل شروع ڪرڻ ۽ ان کي پڄاڻي تائين پهچائڻ جي ??اءِ ڪابينا ڪميٽي جوڙڻ جي ??نظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا انفارميشن ٽيڪنالاجي ??اري وزارت جي سفارش تي ڊيجيٽل نيشن پاڪستان ايڪٽ 2024ع جي اصولي منظوري ڏيندي ان تي قانون ۽ انصاف واري وزارت کي ضروري نظرثاني ڪرڻ جي ??دايت ڪئي. ايڪٽ تحت نيشنل ڊيجيٽل ڪميشن (اين ڊي سي) ۽ پاڪستان ڊيجيٽل اٿارٽي (پي ڊي اي) جوڙي ويندي. ايڪٽ تحت پاڪستان جي ??ع??شت جي ڊيجيٽائزيشن ۽ پيپر ليس گورننس جي ??دف کي حاصل ڪري سگهبو. بل تحت نيشنل ڊيجيٽل ڪميشن پاليسي ساز ادار?? هوندو جيڪو وفاقي ۽ صوبائي ميمبرن تي ٻڌل هوندو ۽ ان جي سربراهي وزيراعظم پاڻ ڪندو. ڊيجيٽل پاڪستان جي ??قصدن کي حاصل ڪرڻ جي ??اءِ پاڪستان ڊيجيٽل اٿارٽي قائم ڪئي ويندي جيڪو هڪ ڪارپوريٽ ادار?? هوندو ۽ جنهن وٽ مالي ۽ انتظامي اختيار هوندا. ايڪٽ جو مقصد پاڪستان جي ??عيشت، گورننس ۽ سروسز کي عالمي سطح تي لاڳو جديد ڊيجيٽل نظام سان هم آهنگ ڪرڻ آهي. وفاقي ڪابينا قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سفارش تي ثالثي قانون (دي آربيٽريشن بل 2024ع) جي ??سودي تي ضروري قانونسازي جي اصولي منظوري ڏني. ڪابينا ان حوالي سان آئين جي شق 144 تحت صوبن سان مشاورت جي ??ڻ منظوري ڏني. وفاقي ڪابينا قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سفارش تي قومي احتساب بيورو ۽ سريلنڪا جي اداري ڪميشن ٽو انويسٽيگيٽ ايلي گيشنز آف برائبري/ ڪرپشن (سي آءِ اي بي او سي) جي ??چ ۾ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪرڻ جي ??نظوري ڏئي ڇڏي. ان مفاهمتي يادداشت تحت دولت مشترڪه جي ??يمبر ملڪن جي حيثيت سان ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ رشوت ۽ رقم جي غيرقانوني پهچ جي خاتمي لاءِ تعاون کي فروغ ملندو. بيان موجب وفاقي ڪابينا سرڪاري ملڪيتي ادارن جي حوالي سان ڪابينا ڪميٽي جي 13 ۽ 20 مئي 2024ع تي ٿيندڙ اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي. وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 23 ۽ 27 مئي 2024ع تي ٿيندڙ اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن جي ??ڻ توثيق ڪئي. وفاقي ڪابينا ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي جي 5 جون 2024ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي ??ڻ توثيق ڪئي.