اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) پاڪستان کي 2026 – 2025ع جي مدي لاءِ گڏ??ل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو غيرمستقل ميمبر چونڊيو ويو آهي، پاڪستان کي نيويارڪ ۾ گڏ??ل قومن جي جنرل اسيمبلي جي چونڊن ۾ زبردست حمايت حاصل ٿي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان گڏ??ل قومن جي جنرل اسيمبلي جي سمورن ميمبرن جي پاڪستان تي اعتماد ڪرڻ ۽ ان کي سلامتي ڪائونسل جو غيرمستقل ميمبر چونڊڻ تي ٿ??رائتا آهيون، ڪائونسل جي لاءِ پاڪستان جي بطور اميدوار توثيق ڪرڻ تي اسان ايشيا پيسفڪ گروپ جي ميمبرن جا پڻ ٿورائتا آهيون. بيان موجب غيرمستقل ميمبر جي طور تي اٺون ڀيرو چونڊجڻ کانپوءِ پاڪستان گڏ??ل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاءِ هڪ ڀرپور تجربي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي جي بحالي لاءِ حصيداري جي مضبوط ميراث کڻي آيو آهي جنهن جو اظهار گڏ??ل قومن جي مقصدن ۽ اصولن سميت چا??ٽر سان دنيا جي ڪيترن ئي خطن ۾ گڏ??ل قومن جي امن قائم ڪرڻ ۽ امن قائم ڪرڻ جي ڪوششن تي سختي سان عمل پيرا ٿيڻ سان ٿئي ٿ??. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان پنهنجي ايندڙ مدي ۾ حل طلب ۽ جاري تڪرارن جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پرعزم رهندو ۽ هو هڪطرفي ۽ غيرقانوني طاقت جي استعمال يا طاقت جي استعمال جي ڌمڪي جا حربا، هر قسم جي دهشتگردي جي مقابلي، گڏ??ل قومن جي موثر امن قائم ڪرڻ جي حمايت، امن لاڳو ڪرڻ ۽ امن قائم ڪرڻ جي ڪوششن جي حمايت سميت علائقائي ۽ عالمي بحرانن جي حل لاءِ موثر ڪردار ادا ڪندو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان گڏ??ل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٻين ميمبرن ۽ گڏ??ل قومن جي چارٽر کي برقرار رکڻ ۽ جنگ جي روڪٿام ۽ امن کي فروغ ڏيڻ جي ويزن تي عمل ڪرڻ جي لاءِ گڏ??ل قومن جي وسيع تر ميمبرشپ سان عالمي خوشحالي کي فروغ ڏيڻ ۽ انساني حقن جي عالمي احترام کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو منتظر آهي.