اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چين پاڪستان ??ي معاشي ترقي ۾ ا??م حصيدار آهي، پاڪستان چين سان ??رجيحي بنيادن تي زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، توانائي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ ۽ چين ۾ پاڪستاني مصنوعات جي برآمدات ۾ اضافي جو خواهشمند آهي، سي پيڪ جي اڳئين مرحلي جي حوالي سان ڀرپور تياري ڪري رهيا آهيون، چيني تعاون سان گوادر بندرگاهه کي لاجسٽڪس جو حب ٺاهيو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي حوالي سان ??هم جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير ??حسن اقبال، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير ??حد خان چيما، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ??طاءُ الله تارڙ، پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير ??اڻا تنوير ??سين، پاور واري وفاقي وزير ??ويس احمد خان لغاري، سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ (وڊيو لنڪ ذريعي)، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيليڪام واري مملڪتي وزير ??زه فاطمه، وزيراعظم جي خاص معاون طارق فاطمي، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مختلف وفاقي وزارتن پاران پاڪستان چين ٻطرفي معاشي لاڳاپن جي حوالي سان ??جويزون پيش ڪيون ويون. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته چين پاڪستان ??ي معاشي ترقي ۾ ا??م حصيدار آهي. هن چيو ته چيني انڊسٽري خاص طور تي چيني ٽيڪسٽائيل انڊسٽري کي پاڪستان ۾ صنعتون لڳائڻ جي دعوت ڏيون ٿا، حڪومت چيني صنعتڪارن ۽ سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪندي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ رهندڙ چيني شهرين کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي، چيني شهرين جي سيڪيورٽي جي حوالي سان ??امع پلان ??وڙيو ويو آهي. وزيراعظم چيو ته چيني تعاون سان گوادر بندرگاهه کي لاجسٽڪس جو حب ٺاهيو ويندو. ايگريڪلچر ڊيمانسٽريشن زونز جو قيام سي پيڪ جي اڳئين مرحلي جي حوالي سان ??هم منصوبو هوندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان چين سان ??رجيحي بنيادن تي زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، توانائي ۽ متبادل توانائي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ ۽ چين ۾ پاڪستاني مصنوعات جي برآمدات ۾ اضافي جو خواهشمند آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته لاڳاپيل وزارتون پاڪستان چين جي تعاون جي نئين منصوبن جي حوالي سان ??ياري ڪن ۽ بزنس ٽو بزنس رابطا وڌائڻ جي لاءِ قدم کڻن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ??و روانگي واپار وڌائڻ جي حوالي سان ??ڪمت عملي جوڙڻ ۾ چين پاڪستان ??و مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو.