اسلام آباد – 06 – مئي (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ اٽلي جي ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي زور ڏنو آهي ته ٻئي ملڪ تعليم، واپار ۽ سيڙپڪاري، قانوني لڏپلاڻ سان گڏوگڏ ثقافتي مٽاسٽا جي شعبن ۾ تعاون ک?? فروغ ڏين. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??ير??عظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ مقرر اٽلي جي سفير ماريليا آرميلن و??ير??عظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. اطالوي سفير جي آجيان ڪندي و??ير??عظم چيو ته پاڪستان اٽلي سان ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل پنهنجي گهڻ رخي لاڳاپن ک?? قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا سدائين خيرسگالي ۽ اعتماد تي ٻڌل رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ٻنهي ملڪن ڪيترن ئي اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پڻ هڪ جهڙن خيالن جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ٻيهر چونڊجڻ تي ملندڙ مبارڪباد واري پيغام تي اطالوي قيادت جا ٿورا مڃيندي و??ير??عظم ايندڙ ڏينهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن ک?? وڌيڪ مستحڪم ڪ??ڻ جي لاءِ اٽلي سان گڏجي ڪم ڪ??ڻ جي پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو. اعليٰ سطحي مٽاسٽا جي اهميت تي زور ڏيندي و??ير??عظم اٽلي جي و??ير??عظم جارجيا ميلوني کي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪ??ڻ جي دعوت ڏني. هن و??ير??عظم ميلوني جي اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ انهن پاليسين ک?? ساراهيو جن اٽلي کي يورپي يونين جو هڪ اهم ميمبر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پاڪستان ۽ اٽلي جي ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي و??ير??عظم زور ڏنو ته ٻئي ملڪ تعليم، واپار ۽ سيڙپڪاري، قانوني لڏپلاڻ سان گڏوگڏ ثقافتي مٽاسٽا جي شعبن ۾ تعاون ک?? فروغ ڏين. هن سمنڊ پار پاڪستانين جي ه?? وڏي آبادي جي ميزباني ڪرڻ تي اٽلي جا ٿورا مڃيا جيڪي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پل جو ڪ??دار ادا ڪري رهيا آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي اقتصادي ترقي ۾ پڻ پنهنجو ڪ??دار ادا ڪري رهيا آهن. اطالوي سفير و??ير??عظم جا ٿورا مڃيندي چيو ته اٽلي پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن ک?? وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته هو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن ک?? فروغ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي.