اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) پاڪست??ن ۽ سعودي عرب ٻنهي ڀائر ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ مضبوط حصيداري قائم ڪرڻ ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. اها ڳالهه صدر آصف علي زرداري ۽ سعودي ??رڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود جي وچ ۾ ملاقات ۾ ٿي. سعودي ??رڏيهي وزير ايوان صدر ۾ هڪ اعليٰ اختياراتي وفد سان گڏ صدر سان ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پ??يس ونگ موجب سعودي ??فد ۾ پاڻي ۽ زراعت وارو سعودي ??زير، صنعت ۽ معدني وسيلن وارو سعودي ??زير، سيڙپڪاري وارو خصوصي وزير، سعودي خصوصي ڪميٽي جو سربراهه ۽ توانائي واري وزارت ۽ سعودي ??بلڪ انويسٽمينٽ فنڊ جا اعليٰ عملدار شامل هئا. پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ نجڪاري ۽ سيڙپڪاري بورڊ وارو وف??قي وزير عبدالعليم خان، پيٽروليم ۽ پاڻي وسيلن وارو وف??قي وزير مصدق ملڪ، صنعت ۽ پيداوار وارو وف??قي وزير راڻا تنوير حسين ۽ پرڏيهي سيڪريٽري سائرس سجاد قاضي ۽ اعليٰ سرڪاري عملدار به ملاقات ۾ شريڪ هئا. صدر وفد جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪست??ن ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ڏ??اڪا پراڻا لاڳاپا آهن ۽ پاڪستان موجوده لاڳاپن کي ڊگهي مدي ??اري تزويراتي ۽ اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ چاهي ٿو. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام خادم الحرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود جو انتهائي احترام ڪري ٿي ۽ سعودي عرب سان گڏ بيٺل هوندي. صدر چيو ته اسلامي دنيا جي خوشحالي سعودي عرب جي ترقي سان واڳيل آهي. هن سعودي ??لي عهد ۽ سعودي عرب جي وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان جي جرئتمنداڻي ۽ دُورانديش قيادت ۽ ويزن 2030ع تحت ٿيندڙ ذڪر جوڳي اڳڀرائي کي ساراهيو. ان موقعي تي سعودي ??رڏيهي وزير چيو ته سعودي عرب پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو ۽ پاڪستان سان مضبوط حصيداري جي لاءِ پرعزم آهي. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپا آهن ۽ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان هڪ ٻئي جي مدد ڪندا آيا آهن. هن سعودي عرب جي ترقي ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي ڪردار کي ساراهيو. هن سعودي ??يادت پاران نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ سعودي عرب جي لاءِ پاڪستان جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ٻنهي ڌرين علائقائي حرڪيات ۽ وچ اوڀر جي تازي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي ۽ غزه ۾ اسرائيلي ظلم بند ڪرڻ تي زور ڏنو. ٻنهي پ??ران ٻطرفي اهميت جي معاملن ۽ مسلمان امت کي درپيش چئلينجن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. صدر آصف علي زرداري خادم الحرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پڻ اظهار ڪيو.