اسلام آباد– 02 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گلگت ??لتستان جي ماڻهن جي ترقي، انهن کي صحت ۽ تعليم جي سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح ??هي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف گلگت ??لتستان جي وڏي وزير گلبر خان سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. اجلاس ۾ گلگت ??لتستان ۾ تعليم، صحت ۽ سياحت جي شعبي جي ترقي جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، اجلاس کي گلگت ??لتستان ۾ وفاقي حڪومت پاران عطا آباد ۽ هارپو ۾ پن بجلي جي ٻن منصوبن تي جاري ڪم جي اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ??ڌا??و ويو ته انهن منصوبن جي تڪميل سان گلگت ??لتستان ۾ بجلي جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻائي سگهجي. وزيراعظم کي ??ڌا??و ويو ته نلتر ايڪسپريس وي جي تعمير جو ڪم مڪمل ٿي ويو آهي جيڪو علائقي جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. وزيراعظم گلگت ??لتستان ۾ سياحت جي ترقي ?? شمسي توانائي جي منصوبن جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم گلگت ??لتستان کي درپيش مسئلن جي حل جي حوالي سان ڪميٽي جوڙيندي هدايت ڪئي ته ڪميٽي گلگت ??لتستان کي درپيش سمورن مسئلن تي مشاورت کانپوءِ پنهنجون سفارشون پيش ڪري، گلگت ??لتستان جي ماڻهن جي ترقي، انهن کي صحت ۽ تعليم جي سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح ??هي. وزيراعظم چيو ته گلگت ??لتستان ۾ غريب ۽ لاچار خاندانن سان تعلق رکندڙ ٻارن ۽ ٻارڙين جي لاءِ دانش اسڪول قائم ڪري رهيا آهيون. دانش اسڪول ٻارن کي عالمي معيار جي اعليٰ تعليم سان گڏوگڏ رهائش جي سهولت پڻ فراهم ڪندا. وزيراعظم هداي ڪئي ته گلگت ??لتستان ۾ سياحت جي وسيع صلاحيت مان ڀرپ??ر فائدو کڻڻ جي لاءِ سفارشون جوڙي پيش ڪيون وڃن ۽ گلگت ??لتستان جي ٽنهي ڊويزنن ۾ دانش اسڪول تعمير ڪيا وڃن. وزيراعظم گلگت ??لتستان ۾ عطا آباد ۽ هارپو پن بجلي منصوبي جي تڪميل تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته گلگت ??لتستان ۾ شمسي توانائي جي منصوبن جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙي پيش ڪئي وڃي.