اسلام آباد- 10 فيبروري (اي پي پي) ڪامن ويلٿ مبصر گروپ جي سربراهه ڊاڪٽر گڊ لڪ جوناٿن چيو آهي ته پاڪستان ۾ 2024ع جون عام چونڊون پرامن نموني ڪرائڻ تي پاڪستان کي مبارڪون ڏيون ٿا، پوري چونڊ عمل دوران پاڪستان جي عوام جي حوصلي ۽ همت کي ساراهيون ٿا، پولنگ اسٽاف سياسي پا??ٽي??، اميدوارن ۽ ان جي ايجنٽن، سي??يورٽي ايجنسيز کي چونڊ عمل دوران انهن جي ڪردار تي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. نيوز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪامن ويلٿ گروپ جي سربراهه ڊاڪٽر گڊ لڪ جوناٿن چيو آهي ته اسان ۽ اسان جي نمائندن 2024ع جي چونڊن جو مشاهدو ڪيو، ماڻهن وڏي انگ ۾ ??وٽ وڌا، اليڪشن مينيجمينٽ سسٽم بهترين ڪوشش هئي، هن اليڪشن ڪميشن جي اسٽاف کي ساراهيندي چيو ته چونڊ اسٽاف به تمام پيشي??را??ي طريقي سان ڪم ڪيو. هن ٻڌايو ته اسان ڪراچي، ملتان، حيدرآباد، فيصل آباد جي مختلف پولنگ اسٽيشنن جودورو ڪيو، عورت عملي کي چونڊ اسٽيشنن تي بهترين طريقي سان ڪم ڪندي ڏٺو ويو، هن چيو ته عالمي مبصر طور اسان جا پنهنجا معيار آهن، ڪنهن به خبر جي ترديد يا تصديق جا پابند ناهيون، ڪامن ويلٿ وفد جي سربراهه چونڊن واري ڏينهن سي??يورٽي تي موجود اهلڪارن جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪيو، هن چيو ته اسان ڪيترائي اهڙا ماڻهو ڏٺا جيڪي جسماني معذوري باوجود چونڊن واري ڏينهن پنهنجي ??وٽ جو استعمال ڪرڻ لاءِ نڪتا جڏهن ته انهن کي ??وٽ جي حق جي استعمال لاءِ پولنگ اسٽاف ۽ سي??يورٽي تي موجود ماڻهن جي طرفان موثر مدد فراهم ڪئي وئي، جن کي ساراهيون ٿا.