اسلام آباد – 29 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ زور ڏنو آهي ته پاڪستا?? ۽ ??يران کي علائقائي سالميت ۽ خودمختياري سميت ٻنهي ملڪن کي درپيش چئلينجز کي گڏيل حصيداري ۽ تعاون جي ذريعي عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي چا??ٽر تح?? منهن ڏيڻو پوندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پاڪستا?? ۽ ??يران جي وچ ۾ ويجهن لاڳاپن تي زور ڏيندي نگران وزيراعظم ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻا??ڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. نگران وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻنهي ملڪن کي درپيش چئلينجز خاص طور تي هڪ ٻئي جي علائقائي سالميت ۽ خودمختياري کي گڏيل حصيداري ۽ تعاون جي ذريعي عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي چا??ٽر تح?? منهن ڏيڻو پوندو. نگران وزيراعظم ايران جي صدر ابراهيم رئيسي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏيندي کيس جلد پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني.