اسلام آباد – 26 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن اٿارٽي (پي ٽي اي) جي چيئرمين ميجر جنرل (ر) حف??ظ الرحمان ملاقا?? ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ پي ٽي اي چيئرمين نگران وزيراعظم کي سالياني رپورٽ 2023ع پيش ڪئي. پي ٽي اي چيئرمين نگران وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ پي ٽي اي جي آمدني 17 سيڪڙو اصافي کانپوءِ 850 ارب تا??ين پهچي وئي جڏ??ن ته سڄي ملڪ ۾ موبائيل سروسز تا??ين پهچ 90 سيڪڙو تا??ين پهچي وئي. هن ٻڌايو ته 2023ع ۾ موبائيل فون صارفين جو انگ 19.2 ڪروڙ جڏ??ن ته هائي اسپيڊ براڊ بينڊ صارفين جو انگ 13 ڪروڙ تا??ين پهچي ويو. نگران وزيراعظم پي ٽي اي چيئرمين ۽ سندس ٽيم جي پاڪستان ۾ موبائيل ۽ انٽرنيٽ سروسز جي پهچ عام ماڻهو تا??ين يقيني بڻائڻ لاءِ قدمن کي ساراهيو.