لاهور – 24 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ٿيلسيميا جي مرض جي روڪٿام جي ل??ءِ شاندار خدمتن تي منو ڀائي (مرحوم) کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته منو ڀائي پنهنجي پوري زندگي ٿيلسيما جي مريضن جي ل??ءِ وقف ڪري ڇڏي هئي، سُندس فائونديشن جو بنياد رکي منو ڀائي هڪ مثال قائم ڪيو، ٿيلسيميا جي روڪٿام جي ل??ءِ قانونن کي بهتر بڻائڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سُندس فائونڊيشن جي اهتمام هيٺ منو ڀائي جي ڇهين ورسيءَ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ڊائريڪٽر سُندس فائونڊيشن خ??لد عباس ڊار، صدر ياسين خ??ن، سهيل وڙائچ، حفيظ الله خان نيازي، مجيب الرحمان شامي، صغريٰ صدف ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته منو ڀائي جو پي ٽي وي تي هلندڙ حالات حاضره جو پروگرام عوام ۾ انتهائي مقبول ٿيو، ان پروگرام ۾ منو ڀائي بطور تجزيه نگار خدمتون سرانجام ڏنيون، عوام اڃا تائين سندس ان پروگرام کي ياد ڪري ٿي. هن چيو ته منو ڀائي هڪ سٺو ۽ مخلص انسان هو، هن پنهنجي زندگي کي ٿيلسيميا جي ٻارن جي علاج جي ل??ءِ وقف ڪري ڇڏيو، سُندس فائونڊيشن ۾ ٿيلسيميا جي ٻارن جي علاج جي ل??ءِ جيڪو ڪم ٿي رهيو آهي اهو ساراهه جوڳو آهي. هن وڌيڪ چيو ته سُندس فائونڊيشن ۾ علاج هيٺ مريض منو ڀائي جي مغفرت جو سبب بڻجندا. نگران وفاقي وزير چيو ته ٿيلسيميا جي روڪٿام جي ل??ءِ احتياطي تدبيرن کي اختيار ڪرڻو پوندو. ان حوالي سان قانونن کي بهتر ۽ انهن تي عملدرآمد ڪرڻو پوندو. مرتضيٰ سولنگي چيو ته اسان اڄ منو ڀائي کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ ۽ اهو وچن ڪرڻ جي ل??ءِ هتي گڏ ٿيا آهيون ته منو ڀائي انساني خدمت جو جيڪو جهنڊو پنهنجي هٿن ۾ کنيو هو ان کي پڪڙي رکڻو آهي. هن چيو ته منو ڀائي ڪالم نگاري سان گڏوگڏ شاعري پڻ ڪندو هو، سندس مادري زبان پنجابي ۾ شاعري لازوال هئي، هو ڪنهن به شيءَ جي پاڻ ئي ٿيڻ تي يقين نه رکندو هو جيڪو هن چيو هو ته “هونئين جانداڪر ناپيندا اي، سکان دي خا??ر جلندا پيندا اي، حق دي خا??ر لڙنا پيندا اي، جيون دي خا??ر مرنا پيندا اي”. تقريب ۾ شريڪ ٻين خ??اب ڪندڙن منو ڀائي کي ڀرپور انداز ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو. تقريب جي آخر ۾ پير ضياءَ الحق نقشبندي مرحوم جي ايصال ثواب ل??ءِ دعا ڪئي. بعد ۾ اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير سُندس فائونڊيشن جي ليب جو دورو ڪيو ۽ ٿيلسيميا جي مرض ۾ مبتلا ٻارن ۾ تحفا ورهايا.