اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب پاران اي?? اي سي کي ڊگري جي تصديق جي حڪمن کي برقرار رکندي شاگردياڻي جي ڊگري جي تصديق کان انڪار تي ??ديد ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. صدر هدايت ڪئي ته 7 ڏينهن جي اندر شاگردياڻي جو وقت ضايع ڪرڻ جي ذميوارن جي خلاف انڪوائري شروع ڪئي وڃي. سويرا آفريدي (شڪايت ڪندڙ) پنهنجي بي اي ۽ ڊي ايم سي جي ڊگري جي تصديق جي لاءِ اي?? اي سي کي درخواست ڏني هئي پر کيس ٻڌايو ويو ته جيئن ته سندس ڊگري جو سيشن 2020ع هو، ان لاءِ ان جي تصديق نه ٿي ڪري سگهجي ڇو ت?? اي?? اي سي ٻه سالا روايتي ??ريقيڪار ??ي مرحليوار ختم ڪري ڇڏيو هو. تعليمي سال 2019ع کانپوءِ شاگردن کي روايتي ??ي اي ۽ بي ايس جي داخلا ڏيڻ جي اجازت نه هئي. جنهن تي ??ڪايت ڪندڙ وفاقي محتسب سان رابطو ڪيو جنهن ان جي حق ۾ حڪم جاري ڪيا. ان کانپوءِ اي?? اي سي وفاقي محتسب ۾ نظرثاني جي درخواست داخل ڪئي جنهن کي رد ڪيو ويو. بعد ۾ اي?? اي سي صدر وٽ محتسب جي حڪمن جي خلاف درخواست ڏني. صدر ڪيس جي ذاتي ٻڌڻي ڪئي ۽ اي?? اي سي جي نمائندگي کي رد ڪري ڇڏيو. هن مشاهدو ڪيو ته شڪايت ڪندڙ کي پشاور يونيورسٽي سيشن 2019 – 2020ع جي لاءِ داخلا ڏني هئي ۽ شڪايت ڪندڙ 01.09.2022 تي يونيورسٽي جو هڪ خط پيش ڪيو هو جنهن ۾ ٻڌايو ويو هو ته شڪايت ڪندڙ جو بي اي جي ڊگري جي لاءِ سيشن 2019 – 2020ع هو. جيئن ته شڪايت ڪندڙ کي يونيورسٽي پاران سيشن 2019 – 2020ع جي لاءِ داخلا ڏني وئي هئي، ان جي لاءِ شڪايت ڪندڙ جو ڪو قصور نه هو ۽ ان کي يونيورسٽي جي غلطي جو نقصان نه کڻڻ گهرجي. يونيورسٽي ان شاگردياڻي کي رجسٽريشن جي اجازت ڏئي اي?? اي سي جي پاليسي جي خلاف ورزي ڪئي هئي. هن چيو ته وفاقي محتسب صحيح مشاهدو ڪيو آهي ته هڪ ريگيوليٽر جي طور تي ??ها اي?? اي سي جي ذميواري آهي ته اها اهو ڏسي ته ڇا ان جي فيصلن تي يونيورسٽيون عملدرآمد ڪري رهيون آهن يا نه جيڪو اي?? اي سي پاران پنهنجي قانوني ذميوارين کي ادا ڪرڻ ۾ ناڪامي جي برابر آهي. صدر چيو ت?? اي?? اي سي يا يونيورسٽي جي عدم ??عا??يت سان شاگردن کي تڪليف نه ٿيڻ گهرجي. هن ان ڳالهه تي ??فسوس جو اظهار ڪيو ت?? اي?? اي سي يونيورسٽي جي خلاف ڪا ڪارروائي ڪرڻ بدران شڪايت ڪندڙ کي بنا ڪنهن غلطي جي غيرضروري آزمائش ۾ وجهي ڇڏيو ۽ اها ان جي ڊگري جي تصدق نه ڪري رهي هئي. تنهن ڪري صدر اي?? اي سي جي نمائندگي کي ان مشآهدي سان گڏ رد ڪري ڇڏيو ت?? اي?? اي سي کي انهن يونيورسٽين جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي جيڪي ان جي رهنما اصولن يا هدايتن تي ??مل نه ڪري رهيون آهن ته جيئن مستقبل ۾ شاگردن کي ان جي عدم ??عا??يت جي ڪري نقصان نه کڻڻو پوي. صدر اها هدايت اي?? اي سي پاران 7 ڏينهن جي اندر شاگرد جي بي اي جي ڊگري جي ٽيسٽ ڪرڻ جي هدايت جي وفاقي محتسب جي فيصلي خلاف داخل ڪيل درخواست کي رد ڪري ڇڏيو.