راولپنڊي-22 نومبر (اي پي پي) اتر وزيرستا?? جي علائقي رزمڪ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي ديسي ساخته بم حملي ۾ پاڪ فوج جا 2 جوان شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر مطابق سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي بم حملي ۾ پاڪ فوج جو لانس نائيڪ احسان بادشاهه (عمر 33 سال، رهائشي ضلع ڪرڪ) ۽ ??انس نائيڪ ساجد حسين (عمر 30 سال، رهائشي ضلع ڪرم) شهيد ٿي ويا. علائقي ۾ موجود ڪنهن به دهشتگرد جي خاتمي لاءِ سينيٽائيزيشن آپريشن ڪيو پيو وڃي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستا?? جي سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پر عزم آهي ۽ اسا?? جي بهادر سپاهين جون اه??يو?? قربانيون اسا?? جي عزم جي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.