اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير ??رتضيٰ سولنگي چيو آهي ته هاڪي فيڊريشن جي اڳوڻي صدر جو معاملو عدالت ??ڪلائي ڇڏيو آهي، پي ايڇ ايف جي نئين چونڊن جي لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، اميد آهي ته جلد چونڊون ڪرايون وينديون. سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران سينيٽر مشتاق احمد جي سوال جي جوا?? ۾ ??ارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير ??رتضيٰ سولنگي چيو ته هاڪي فيڊريشن جو صدر چار سالن جي لاءِ مقرر ڪيو وڃي ٿو، برگيڊيئر (ر) محمد خالد سجاد کوکر قانون موج?? ٻه ڀيرا ئي صدر بڻجي سگهيو پئي، ان جا اهي ٻئي دور مڪمل ٿي چڪا آهن، ان لاءِ حڪومت کيس عهدي تان هٽايو ته هن عدالت ??ان رجوع ڪيو ته عدالت ??ه ان جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، حڪومت هاڪي فيڊريشن جي ٻيهر چونڊن جي لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.