مظفر آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) آزاد ڪشمير جي 76 هين يوم تاسيس جي پروقار قومي ??قريب جي پڄاڻي قانونساز اسيمبلي جي اسپيڪر لطيف اڪبر چوڌري ماڻهن ۾ گه??ي ملي ويو. اتي موجود عوام کيس پنهنجي وچ ۾ ڏسي خوشي جو اظهار ڪيو، ميڊيا کانئس انٽرويو ڪيا، شاگردن ۽ شاگردياڻين نوجوانن ساڻس گڏ فوٽو ڪڍرايا ۽ پنهنجا مسئلا پڻ ٻڌ??ئي??دا رهيا. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته اسپيڪر چوڌري لطيف اڪبر گادي واري شهر جي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پنهنجي چيمبر ۾ هر وقت موجود رهندي نه رڳو پنهنجي چونڊ تڪ پر پوري آزاد ڪشمير جي ڪنڊڪڙڇ مان آيل وفدن سان ملاقاتون پڻ ڪري ٿو ۽ انهن جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ مصروف رهي ٿو جنهن جي ڪري حڪومت جي نيڪ نامي ۽ عوامي ڌرين ۾ اعتمادسازي کي فروغ ملي ٿو.