اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) ??گر??ن و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي وطن و??پسي ۾ ڊيل جي تاثر کي رد ڪندي چ??و آهي ته ??گر??ن حڪومت ڪنهن به ڊيل جو حصو ڇو بڻجندي، نواز شريف عدالتي فيصلي تحت ملڪ مان ??اه?? ويو ۽ کيس وطن و??پسي تي ڪجهه قانوني سوالن کي منهن ڏيڻو پوندو، ??گر??ن حڪومت مسلم ليگ (ن) جي لاءِ ڪابه نرم دل نٿي رکي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊيجيٽل پليٽ فارم ”وي نيوز“ کي ڏنل انٽرويو ۾ ڪيو. جڏهن ??گر??ن و??يراعظم کان سوال ڪيو ويو ته نواز شريف ڪنهن ڊيل تحت واپس اچي ره??و آهي ته ??گر??ن و??يراعظم جواب ڏنو ته هڪ ??گر??ن حڪومت اهڙي طرح جي ڪنهن به ڊيل جو حصو نه بڻجندي ۽ ڇو بڻجندي. نواز شريف جڏهن هڪ عدالتي فيصلي تحت ملڪ مان ??اه?? ويو ته ان وقت عمران خان جي حڪومت هئي، ان وقت نه ته ??گر??ن سيٽ اپ هو ۽ نه ئي پي ڊي ايم پارٽين جي حڪومت هئي. هن چيو ته نواز شريف کي وطن و??پسي تي ڪجهه قانوني سوالن کي منهن ڏيڻو پوندو ۽ انهن سوالن جا جواب به قانوني آهن. انوارالحق ڪاڪڙ مسلم ليگ (ن) جي لاءِ نرم دل رکڻ جي تاثر کي به مڪمل طور تي رد ڪري ??ڏيو. هن چيو ته ??گر??ن و??يراعظم بڻجڻ کان اڳ منهنجُون مريم نواز، بلاول ڀٽو زرداري، مولانا فضل الرحمان، آصف علي زرداري ۽ 9 مئي جي واقعن کان اڳ عمران خان سان به ملاقاتون ٿيون. هن چيو ته آئون ڪو بيوروڪريٽ نه آهيان پر هڪ پارليامينٽ ميمبر هيس ۽ اتان استعيفيٰ ڏئي مون هي منصب سنڀال??و آهي ۽ ڪهڙي سياسي پارٽي يا ڪهڙا ماڻهو هوندا جيڪي مون سان ملاقاتون نه ٿا ڪن تنهن ڪري ??نهن هڪ ملاقات کي هڪ پارٽي سان ڳنڍڻ انصاف تي ٻڌل ناهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان هڪ اسرندڙ جمهوريت آهي جتي آئيني نظام موجود آهي ۽ هتي عدالتي طريقيڪار جي هڪ پنهنجي اهميت آهي. هن چيو ته عمران خان سميت ڪنهن به سياسي شخصيت بابت جيڪو به فيصلو ٿيندو اهو عدالتي عمل جي نتيجي ۾ ٿيندو، جيڪڏهن عدالتي عمل جي نتيجي ۾ عمران خان کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ملي ٿي ته هو حصو وٺندو پر جيڪڏهن نه ته آئون ڪيئن ان تي پابندي کي ختم ڪري سگهان ٿو. ??گر??ن و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته سندس اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سان جيتريون ملاقاتون ٿيون آهن ان موجب چونڊن جون تياريون مڪمل آهن ۽ چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ئي ٿينديون پر چونڊن ۾ سيڪيورٽي جي حوالي سان خدشا ختم ڪرڻ جي لاءِ قدم جاري آهن. اليڪشن ڪميشن جنوري ۾ چونڊن جي حوالي سان پنهنجا انتظام گهڻي حد تائين مڪمل ڪري ??ڪي آهي، تڪبندين سميت ٻين معاملن تي ڪافي اڳڀرائي ٿي چڪي آهي، سيڪيورٽي ۽ پولنگ بوٿ جي حوالي سان به انتظام حتمي مرحلي ۾ آهن ۽ کيس ڪو به شڪ نه آهي ته جنهن تاريخ جو به اعلان ڪيو ويندو، ان تي چونڊون ٿي وينديون. جڏهن کانئس پڇيو ويو ته ڪجهه سياسي اڳواڻ چئي رهيا آهن ته سرديءَ ۾ برفباري سبب ووٽنگ جي شرح گهٽ ٿئي ٿي ته ??گر??ن و??يراعظم چيو ته ووٽنگ جي شرح گهٽ نه ٿيڻ گهرجي ڇو ته جمهوريت جي گهرج آهي ته وڌ کان وڌ ماڻهو فيصلاسازي جي عمل ۾ شريڪ ٿين. هن چيو ته موسم هڪ عامل ضرورت هوندي آهي پر ملڪ جي وڌيڪ آبادي وارن علائقن سنڌ ۽ پنجاب ۾ موسم جا اثر اهڙي نوعيت جا ناهن هوندا، ها باقي خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي ڪجهه علائقن ۾ موسم جا ٿورا اثر پئجي سگهن ٿا. اليڪشن ڪميشن آئين ۾ ڏنل پنهنجي حدن جي حساب سان ئي ڪو فيصلو ڪندي. غيرقانوني پناهگيرن بابت هڪ سوال جي جواب ۾ ??گر??ن و??يراعظم چيو ته اسان ڪنهن به قسم جي پناهگيرن کي نه ڪڍي رهيا آهيون پر رڳو غيرقانوني طور تي رهندڙ غيرملڪين کي ڪڍي رهيا آهيون. پاڪ ڀارت لاڳاپن جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ ??گر??ن و??يراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت جي لاڳاپن ۾ آر ايس ايس جي سوچ ۽ ڪشمير جو مسئلو رڪاوٽ آهي، آئون سمجهان ٿو ته ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ بهتري اچڻ گهرجي پر حقيقت پسنداڻي طور تي ڏٺو وڃي ته في الحال ان جا ڪي به امڪان نظر نه ٿا اچن. هن چيو ته ڀارت ڏکڻ ايشيا ۾ هڪ هٽيءَ قائم ڪرڻ چاهي ٿو، ڀارت ۾ مسلمانن، سکن ۽ ٻين اقليتن جي لاءِ زندگي مشڪل بڻائي وئي آهي. اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جي امڪانن بابت سوالن جي جواب ۾ ??گر??ن و??يراعظم چيو ته ان بابت ڪو به غور فڪر نه ٿي ره??و آهي. اسرائيل هڪ غاصب رياست هئي ۽ آهي ۽ اسان فلسطينين جي حقن ۽ فلسطيني پناهگيرن جي انهن جي زمينن تي واپسي جا حامي آهيون. معيشت بابت هڪ سوال جي جواب ۾ ??گر??ن و??يراعظم چيو ته معيشت جي بهتري لاءِ کڻڻ وارن قدمن جا ڏورس اثر پوندا، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جو قيام قانونسازي جي نتيجي ۾ عمل ۾ آ??و آهي ۽ وڏا معاشي فيصلا انهي پليٽ فارم تان ٿي رهيا آهن. هن چيو ته ڊالر جي اگهه جو هيٺ اچڻ اڳ ۾ به ٿ??و آهي پر ڊالر جي اگهه ۾ 40 کان 45 رپين جي هڪدم گهٽتائي پهريون ڀيرو ٿي آهي ۽ جيئن ته عام ماڻهن، ميڊيا ۽ ڪاروباري طبقي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي فائدن کي ڏسي ورتو آهي، ان جي لاءِ ان جو جاري رهڻ ضروري هوندو. هن چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ۾ فوج مددگار ڪردار ادا ڪندي معاشي بحالي جي عمل کي سگهه ڏئي رهي آهي. بلوچستان جي مسئلن جي حوالي سان ڳالهائيندي ??گر??ن و??يراعظم چيو ته بلوچستان جو هڪ مسئلو سيڪيورٽي آهي ۽ ٻيو وسيلن جي گهٽتائي ۽ ڪجهه انتظامي خاميون شامل آهن. ??گر??ن و??يراعظم چيو ته گذريل ڏينهن ڪوئيٽا ۾ ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته صوبي ۾ گهوسٽ اسڪولن ۽ بنيادي صحت جي مرڪزن جي نشاندهي ڪئي وئي، انهن مان ڪجهه ماڻهن مالي فائدو کنيو پر بلوچستان جي عوام متاثر ٿي.