اسلام آباد – 15 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ج?? رهائشگاهه تي وڃي باجوڙ ۾ جمعيت علماءِ اسلام جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ خودڪش حملي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گورنر ڪامران ٽيسوري پڻ وزيراعظم سان گڏ هو. وزيراعظم خار، باجوڙ ۾ جمعيت علماءِ اسلام جي ورڪرز ڪنوينشن تي خودڪش حملي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن چيو ته دهشتگرد عنصر پاڪستاني قوم جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن، ملڪ ۾ دهشتگردي جي روڪٿام ۽ امن امان قائم ڪرڻ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم يقيني بڻائينداسين. نگران وزيراعظم حملي ۾ فوت ٿيندڙ ڪارڪنن ج?? لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ زخمين ج?? جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. مولانا فضل الرحمان انوارالحق ڪاڪڙ ک?? ن??ران وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي مبار??با?? ڏني ۽ نيڪ خواهشن ج?? اظهار ڪيو.